اسڪردو ۾ پ پ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ ٽڪراءُ، پٿراءُ

اسڪردو(م ڊ) اسڪردو ۾ يادگار شهدا ويجهو پ پ ۽ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو، ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن پاران هڪ ٻئي تي پٿراءُ  به ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته سياسي ڪارڪنن ۾ پٿراءُ جي ڪري 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، پوليس موجب پي ٽي آءِ جي ريلي پيپلز سيڪريٽريٽ سامهون گذري رهي هئي، واقعي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن جن کي طبي امداد لاءِ مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ به ڪئي، چيف اليڪشن ڪمشنر واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.