هاڻ گلگت بلتستان لاءِ تاريخ ساز ترقياتي پروگرام ايندو: اسد عمر

اسلام آباد(م ڊ) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وافقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪراچي ۽ ڏکڻ بلوچستان جي تاريخي  وفاقي ترقياتي پروگرامن کانپوءِ هاڻ انشاالله گلگت بلتستان لاءِ تاريخ ساز ترقياتي پروگرام تي ڪم جي شروعات ٿيندي. آچر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اسد عمر چيو ته آچر تي گلگت بلتستان جي چونڊ کانپوءِ انشاالله تحريڪ انصاف جي چونڊيل گلگت بلتستان حڪومت سان گڏجي علائقي لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪندا.

گلگت اپوزيشن کي رد ڪري ڇڏيو: فيصل جاويد

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته اپوزيشن پهرين کان چيو ته ڌانڌلي ٿي وئي، ان جو مطلب ته اهي هارائي  ويندا، هن چيو ته گلگت بلتستان جي ماڻهن اپوزيشن کي رد ڪري ڇڏيو، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته جهڙي طرح نواز ليگ ۽ پ پ گلگت ۾ حڪومت ڪئي، ماڻهو بلڪل خوش نه هئا، اپوزيشن کي نظر اچي رهيو هو ته هي اليڪشن هارائي ويندا.

پي ٽي آءِ کي گلگت ۾ 13 سيٽون کپن، کڻي ويندي: شيخ رشيد

راولپنڊي (م ڊ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ تحريڪ  انصاف کي 13 سيٽون کپن، جيڪي پوريون ڪري ويندي.خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته گلگت بلتستان چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کي 13 سيٽون کپن، جيڪي پوريون ڪري ويندي، پي ٽي آءِ ۽ پ پ جو مقابلو ٿيندو، ن ليگ کي چوٿين نمبر تي ٿو ڏسان.هن چيو ته پ پ جون 5 کان 7 سيٽون ڏسي رهيو آهيان، ن ليگ کي گلگت بلتستان ۾ هڪ يا ٻه سيٽون ملنديون.سندس چوڻ هو ته گلگت بلتستان ۾ سڀني پارٽين پرامن جلسا ڪيا، پرامن چونڊون ٿيون، اهو حساس علائقو ۽ عالمي سازش جو حب آهي، جي بي ۾ پرامن چونڊون اڳ ڪڏهن ناهن ڏٺيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.