جهانگير ترين، سندس پٽ، حمزا ۽ سليمان شهباز خلاف فراڊ ڪيس

لاهور(م ڊ) ايف آءِ اي کنڊ ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جهانگير ترين، علي ترين، حمزه شهباز ۽ سليمان شهباز جي خلاف ڪيس داخل ڪري  ورتو آهي.ايف آءِ اي کنڊ ۽ مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين ۽ ان جي پٽ علي ترين، مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ حمزه شهباز ۽ سليمان شهباز جي خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.ايف آءِ اي ذريعن موجب ڪيس ۾ امانت ۾ خيانت، فراڊ سميت مني لانڊرنگ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. ايف آءِ اي موجب چئني جوابدارن جي خلاف ايف آءِ اي ۾ کنڊ اسڪينڊل سميت مني لانڊرنگ جي جاچ هلي رهي. جهانگير ترين ۽ سندس پٽ علي ترين خلاف ايف آءِ ار جي متن موجب جهانگير ترين پنهنجي شگر ملز مان اربين رپين جي رقم غير قانوني طور “جي ڪي ٽي فارمنگ ڪمپني” کي موڪلي، جهانگير ترين ۽ علي ترين 2013ع ۾ پبلڪ پارٽنرز کي دوکو ڏئي 4 ارب 35 ڪروڙ جي مني لانڊرنگ ڪئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.