خير محمد آريجا ويجهو عورت سان زيادتي ڪوشش، ڪيس داخل

خيرمحمد آريجا ( رپورٽ : سيد عطا محمد شاھ ) خير محمد آريجا  ويجهو عورت سان مينا زيادتي جي ڪوشش، پوليس 4 ڄڻن  خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي،ڳوٺ قلندرآباد ۾مبينا طور  4 جوابدارن  نصر الله ڪنڀر جي گهر ۾ گهڙي سندس زال خالده ڪنڀر سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي.گهر ڌڻي  نصر الله ڪنڀر يونيورسٽي ايٽ آريجا ٿاڻي تي پهچي عبدالستار ڪيريو ، ساجد ڪيريو ۽ ٻن اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرايو، جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو ته 4 هٿياربند گهر ۾ گِهڙي هٿيارن جي زور تي سڀني ڀاتين کي يرغمال بڻائي  خالده  سان  زوري زنا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته گهر ڀاتين جي رڙين تي  فرار ٿي ويا،پوليس موجب  گناھ نمبر 23-2020  قلم 376 511 452 506/2 34 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

واشنگٽن ۾بائيڊن جي ڪاميابي خلاف ريلي، ٽرمپ به شريڪ

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي صدارتي چونڊن ۾ ڊيموڪريٽ اميدوار جوبائيڊن جي ڪاميابي خلاف واشنگٽن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي  حامين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، مڇريل مظاهرين جون پوليس سان چڪريون به ٿي پيون، پوليس ڪيترائي ماڻهوگرفتار ڪري ورتا، مظاهرين جو چوڻ آهي ته جوبائيڊن جي ڪاميابي ڌانڌلي جو نتيجو آهي، ٽرمپ به گاڏين جي قافلي ۾ ريلي ۾  پهچي مظاهرين جو جوش وڌايو.

ٽرمپ طرفان جوبائيڊن جي ڪاميابي جو اڻسڌي طرح اعتراف

واشنگٽن ( م ڊ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي چونڊن ۾ جوبائيڊن جي ڪاميابي جو  اڻسڌي طرح اعتراف ڪري ورتو آهي، دونلڊ ٽرمپ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جو بائيڊن ڌانڌلي ڪري کٽيو آهي، هن چيو ته چونڊ مبصرن کي ووٽنگ جو عمل ڏسڻ جي اجازت نه ڏني وئي، هن الزام هنيو ته ووٽن جي ڳڻپ کاٻي ڌر جي هڪ خانگي ڪمپني کان ڪرائي وئي، اها ڪمپني ساکائتي نه آهي.

ايران ۾سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي، 20 پاڪستاني مهاڻا گرفتار

تهران ( م ڊ ) ايران سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 4 لانچون تحويل ۾وٺي عملي  کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، سيستان بلوچستان جي فشريز دپارٽمنٽ جي ڪمانڊر نجف سفاري  موجب ايران جي سامونڊي حدن ۾ ايندڙ 4 پاڪستاني لانچن کي پڪڙيو آهي ۽ ان تي موجود 20 ماڻهن  کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي. ڪمانڊر موجب گرفتار پاڪستاني عملي جي ماڻهن کي قانوني ڪارروائي لاءِ عدالتي اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي.

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري، سيءَ ۾ واڌ

اسلام آباد (م ڊ)ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري سان سيءَ جي شدت ۾ واڌ ٿي وئي آهي، ڪي پي جي مٿين  علائقن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ برسات ۽ برفباري جو سلسلو ٻئي ڏينهن به جاري رهيو ، دير جي مختلف علائقن ۾ ٻن ڏينهن دوران رڪارڊ برفباري ٿي آهي، ڪالام، مالم جبا ۽ لاڳاپيل علائقن ۾ هيل تائين ٻه فوٽ برف پئجي چڪ آهي، جڏهن ته ملڪ جي ٻين علائقن مان وڏي انگ ۾ سياح پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾  ڪٿي هلڪي ۽ ڪٿي تيز برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان  جاري  آهي، لاهور سميت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ برسات پئي،  موسميات کاتي مطابق ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران اسلام آباد سميت مٿاهين ۽ وچين پنجاب، مٿاهين خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ گجگوڙ سان وڌيڪ برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي جڏهن ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌ رهندي. پنجاب جي ڪجهه ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙو رهڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسلام آباد، پنجاب، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، مٿاهين سنڌ، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ گجگوڙ سان برسات ٿي. جڏهن ته ڪالام، مال جبه، چترال ۽ دير ۾ برفباري بر رڪارڊ ڪئي وئي. گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ڪالام ۾ ڪاٽو 3، مالم جبه ۾ ڪاٽو 2، دير ۽ ليه ۾ ڪاٽو هڪ دگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

آءِ ٽي جي شعبي ۾ 11.4 ملين ڊالر جي پرڏيهي سيڙپڪاري

اسلام آباد(م ڊ) هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ انفارميشن ٽيڪنالوجي(آئي ٽي) جي شعبي ۾ 11.4 ملين ڊالر جي پرڏيهي  سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. آئي ٽي جي عالمي ڪمپيون پاڪستان تي خاص ڌيان ڏئي رهيون آهن. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان(ايس بي پي) جي رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ براڊبينڊ انٽرنيٽ صارفين جي تيزي سان وڌندڙ انگ سبب آئي ٽي جي عالمي ڪمپيون پاڪستان تي خاص ڌيان ڏئي رهيون آهن. ته جئين مقامي شراڪندارن جي ذريعي پنهنجي ڪاروبار ۾ توسيع ۽ صارفين تائين رسائي لاءِ آفيسون قائم ڪيون پيون وڃن. رپورٽ مطابق هلندڙ مالي سال ۾ جولاءِ کان سيپٽمبر 2020ع دوران پاڪستان جي آئي ٽي جي شعبي ۾ 11.4 ملين ڊالر جي پرڏيهي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي.

لاهور گدلاڻ ۾ ڪراچي کان گوءِ کڻي ويو

لاهور( م ڊ) لاهور ماحولياتي گدلاڻ ۾ ڪراچي کان گوءِ کڻي ويو آهي. دنيا جي گندي ترين شهرن ۾ لاهور ٻيون نمبر شهر قرار ڏنو ويو  آهي جڏهن ته ڪراچي جو چوٿون نمبر آيو آهي. فضائي گدلاڻ ۾ نئين دهلي پهرين نمبر تي آيو، جڏهن ته لاهور ٻيون ۽ ڪراچي چوٿون نمبر آيو. لاهور جي ماحول ۾ گندا جزا 293 پرٽيڪيوليٽ ميٽر رڪارڊ ڪري ڪئي وئي. ڪراچي ۾ گندا جزا 188 پرٽيڪيوليٽ ميٽرز ٻڌائي وئي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.