پسني ۾ ڪوسٽ گارڊز جي ڪارروائي،17 ارب جي منشيات هٿ

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ۽ پاڪستان آرمي جي گڏيل ڪارروائي، 101 ڪلوگرام ڪرسٽل ۽ 2700  ڪلوگرام اعليٰ ڪوالٽي جو چرس هٿ، پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ۽ پاڪستان آرمي گڏيل ڪارروائي ڪندي پسني جي علائقي جنرل ايريا شادي ڪور ۾ منشيات جي ٻاهرين ملڪ اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، مختلف علائقن ۾ ٽيمون جوڙيون ويون، آپريشن دوران جبلن ۾ لڪايل 101 ڪلوگرام ڪرسٽل ۽ 2700 ڪلوگرام اعليٰ ڪوالٽي جو چرس هٿ ڪيو ويو، پڪڙيل منشيات جي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت تقريبن 17.275 ارب رپين جي لڳ ڀڳ آهي، ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جوانن جي ان محنت ۽ اعليٰ ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.