ملتان مان ن ليگ جو اڳوڻو ايم اين اي عبدالغفار ڊوگر گرفتار

ملتان  (م ڊ ) مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر ملڪ عبدالغفار ڊوگر کي اينٽي ڪرپشن کاتي گرفتار ڪري ورتو.  ضلعي صدر مسلم ليگ(ن) بلال بٽ ٻڌايو ته اڳوڻي ايم اين اي عبدالغفار ڊوگر کي سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو. عبدالغفار ڊوگر جي گرفتاري جي خلاف (ن) ليگ جي ڪارڪنن اينٽي ڪرپشن آفيس جي سامهون احتجاج ڪيو. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو چوڻ هو ته ملتان ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کان اڳ حڪومت ڊپ جو شڪار آهي. جنهن سبب هو اهڙيون حرڪتون ڪري رهيا آهن.اينٽي ڪرپشن جي ذريعن ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته عبدالغفار ڊوگر ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.