توانائي گردشي قرض ٻيڻ تي وڌي ويا، پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي جو خطرو

اسلام آباد( م ڊ) پي ٽي آءِ حڪومت  ۾ توانائي جا گردشي قرض ٻيڻ تي وڌي ويا آهن، جنهن سبب پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. پي ٽي آءِ حڪومت اچڻ وقت آگسٽ 2018ع ۾ گردشي  قرض  1100 ارب رپيا هو جيڪو ٻن ورهين ۾ وڌي  2400 تائين پهچي ويو آهي. جيڪو ٻيڻ کان به وڌيڪ آهي. هوڏانهن حڪومت پاران سستي بجلي لاءِ بجلي پيدا ڪندڙ ادارن سان ڇهه هفتا ڳالهين بعد طئي ڪيل معاملن تي نين ڪمپنين کي خدشا آهن. ان سلسلي ۾ وڏا ڊيم ٺاهيندڙ چيني ڪمپني ٿري گورجز چيو آهي ته هو 7 وڏا هائڊرو پراجيڪٽ بڻائي پئي، هن جو ڇا ٿيندو. هن ٺاهه تي ٻين چيني ڪمپنين کي به خدشا آهن. حڪومت جو چوڻ آهي ته انهن ڇهه هفتن کان جاري ڳالهين کي نتيجن جوڳيو بڻائي سستي بجلي جا معاملا طئي ڪيا آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.