آرڊيننس واپس وٺي، گم ڪيل ڪارڪن آزاد ڪيا وڃن: ايڪشن ڪميٽي

ڪراچي: سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاڪستان آئلينڊ ڊولپمينٽ  اٿارٽي صدارتي آرڊيننس 2020 کي غيرقانوني قرار ڏيندي ٺهراءَ ذريعي وفاقي سرڪار کان  مطالبو ڪيو آهي ته آرڊيننس واپس ورتو وڃي،  ٺهراءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته آرڊيننس صوبائي سرحدن ۾ ڦير ڦار آهي، جيڪو پاڪستان جي آئين جي خلاف آهي، سنڌ سرڪار ٻيٽن جي سروي ڪرائي ديهه سروي لينڊ روينيو رڪارڊ جو حصو بڻايو وڃي، ٺهراءَ ذريعي مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ سرڪار  پيڊا آرڊيننس خلاف سي سي آءِ جو  خاص اجلاس گهرائڻ لاءِ درخواست ڏئي، ان کانسواءِ سنڌ مان جبري طور تي کنڀي گم ڪيل سڀني قومپرست ڪارڪنن کي جلد کان جلد آزاد ڪيو وڃي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.