ڄام صاحب ۾ بيدرديءَ سان قتل ٿيل نينگري جا قاتل گرفتار نه ٿيا، احتجاج

نوابشاهه/ڄام صاحب(رپورٽ اڪرم چانڊيو+نظير ڏاهري) گذريل ڏينهن ڄام صاحب ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد حسن رند ۾ بدترين تشدد کانپوءِ پيٽرول ھاري باھه ڏئي  ساڙيل 13 ورھين جي نمرا رند جي لاش جو پوسٽ مارٽم نوابشاهه جي پي ايم يو اسپتال ۾ ڪيو ويو جتي سندس جزا وٺي روھڙي ليبارٽري موڪليا ويا آھن، جنھن بعد ناري جي جنازي نماز اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي، جڏھن ته جنازي نماز ۾ شھرين ۽ سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، معصوم نياڻي کي ڳوٺ محمد حسن رند جي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏھن ته اھڙي دردناڪ واقعي جو ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد تنوير حسين تنيو سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ نوابشاهه پوليس کي انسپيڪٽر اقبال وساڻ، ايس ايڇ او بي سيڪشن آصف مغل ۽ ايس ايڇ او ڄام صاحب آصف پيچوھو تي مشتمل انڪوائري لاءِ پوليس ٽيم جوڙي آھي جيڪا بيدردي سان قتل ٿيل نمرا رند جي قاتلن جو پتو لڳائندي، ھوڏانھن باخبر ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي پوليس معصوم نينگري جي قاتلن ويجھو پھچي چڪي آھي ۽ ڪنھن به وقت گرفتار ڪري سگھي ٿي، جڏھن ته ٻئي پاسي سماجي تنظيم ھاري ويلفيئر ايسوسي ايشن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران گذريل ڏينهن ڄام صاحب ۾ اغوا بعد باھه ڏئي ساڙي بيدرديءَ سان قتل ٿيل 13 ورھين جي معصوم ناري نمرا رند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ اڪرم خاصخيلي، سارنگ سنڌو، ميڊم نائلا، شھزاد خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ڄام صاحب ۾ اغوا بعد باھه ڏئي ساڙي بيدرديءَ سان قتل ٿيل نمرا رند جي قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، ھنن چيو ته سنڌ حڪومت کي اھڙي افسوسناڪ واقعي تي نوٽس وٺڻ گھرجي ھا پر سنڌ حڪومت اھڙين واقعن کي روڪڻ ۾ ناڪام وئي آھي، قتل ٿيل ناري نمرا جي والد مختيار رند عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي ظالمن نياڻي کي بيدرديءَ سان قتل اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.