پي ايس ايل: لاهور قلندر ملتان کي هارائي فائنل ۾ پهچي وئي

ڪراچي ( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان سپر ليگ جي پنجين ايڊيشن جي ٻئي ايليمينٽر ۾ لاهور قلندر ملتان سلطانز کي 25رنسن تان هارائي فائنل   ۾ پهچي وئي  آهي، جتي ان جو مقابلو ڪراچي ڪنگز سان ٿيندو، ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميڇ ۾ ملتان سلطانز ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، لاهورقلندر پهرين بيٽنگ ڪندي 6 وڪيٽن جر نقصان تي  182 رنس ٺاهيون،  ڊيوڊ ويزي 48، فخرالزمان 46 ۽ تميم اقبال 30 رنس ٺاهي نمايان رهيا، ملتان سلطانز جي شاهد آفريدي 4 اوورن ۾ 18 رنسون ڏئي 2 وڪيتون ورتيون، جواب ۾ ملتان سلطانز جي پوري ٽيم 157 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ، جنهن ۾ اي ليٿ 50 ۽ خوشدل 30ٺاهي نمايان رهيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.