معاشري ۾ جنسي بگهڙن جي واڌ،عمرڪوٽ ۾ شاگردياڻي سان اجتماعي زيادتي، هڪ جوابدار گرفتار

عمرڪوٽ(ڊ ر)عمرڪوٽ لڳ ھيرآباد  جي بجير پاڙي ۾ ٻن اوباش جوابدارن علي حسن بجير ۽ فيض محمد بجير گھر ۾ داخل ٿي شاگردياڻي (گ) سان زيادتي  ڪئي سٽي ٿاڻي تي شاگردياڻي جي چاچي جي فرياد تي ٻن جوابدارن علي حسن ۽ فيض بجير تي جنسي زيادتي جي ڪوشش جي الزام ھيٺ جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي شاگرياڻي کي ميڊيڪل ۽ علاج لاءِ عمرڪوٽ سول اسپتال اماڻيو ويو آھي عمرڪوٽ شھر ۽ ڀرپاسي ۾ اوباش ڇوڪرن پاران اسڪولي شاگردن ۽ معصوم نياڻين کي هراسان ڪرڻ ۽ تنگ ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي مسلسل احتجاجن ۽ شڪايتن باوجود عمرڪوٽ پوليس ڪو خاص ڪردار ادا ناھي ڪري سگھي ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ نامياري سماج سڌارڪ ڊاڪٽر علي نواز شاھاڻي عبدالڪريم منگريو سومار قادري ۽ ٻين جي اڳواڻي متاثر نياڻي گلناز بجير کي انصاف ڏيارڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو انهي موقعي تي گلناز جي امڙ والد سهراب بجير نيڪ محمد بجير ڊاڪٽر علي نواز شاهاڻي عبدالڪريم منڱريو، سومار قادري، يوسف نهڙي، قائم الدين، مير محمد گجو ،ڪرشن درزي ۽ ٻين ميڊيا سان  ڳالهائيندي چيو ته فيض محمد بجير علي حسن بجير جن گذريل رات گهر ۾ داخل ٿي نائين ڪلاس جي شاگردياڻي گلناز بجير کي لڄالٽ جو نشانو بڻايو جنهن جو ڪيس پڻ ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي هوڏانهن ميڊيا ذريعن موجب شاگردياڻي سان اجتماعي زيادتي واري واقعي جو پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. گذريل رات دير سان شاگردياڻي جي چاچي نيڪ محمد بجير جي فرياد تي ٻن جوابدارن فيض محمد بجير ۽ علي حسن بجير تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو. سٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي هڪ جوابدار فيض محمد بجير کي گرفتار ڪري ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.