ڪشمور ۾ زيادتي جو نشانو بڻيل ٻارڙي کي زخم ٿي پيو

ڪراچي (م ڊ ) ڪشمور ۾ وحشت جو نشانو بڻيل 4 ورهين جي معصوم ٻارڙي  جي جسم ۾ انفيڪشن ٿي ويو آهي. زيادتي جو شڪار ٻارڙي  ڪراچي  جي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. ٻارن اسپتال  جي سربراهه ڊاڪٽر جمال رضا جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ٻارڙي جي جسم ۾ انفيڪشن ٿي ويو آهي. انفيڪشن کي اينٽي بايوٽڪ ذريعي ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي. ڊاڪٽر جمال رضا جو چوڻ آهي ته ساهه کڻڻ ۾ بهتري تي ٻارڙي جي چيسٽ ٽيوب ڪڍي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٻارڙي جي طبيعت ۾ بهتري اچي رهي آهي پر ميڊيڪل ٽيم ٻارڙي جي زخمن جو سڀاڻي ٻيهر معائنو ڪندي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نوڪري جو آسرو ڏئي ڪراچي کان ڪشمور گهرايل عورت ۽ ان جي 4 ساله ٻارڙي کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.