گورنر پاران عليشا جي عيادت، 5 لک رپيا امداد

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ (اين آءِ سي ايچ) پهچي ڪشمور واقعي جي متاثره معصوم ٻارڙيءَ عليشا جي عيادت ڪئي ۽ 5 لک روپيا مالي مدد طور ڏنا، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر چيو ته واقعي جا جوابدار گرفتار ڪندڙ انسپيڪٽر کي سندس بهادري تي سلام پيش ڪيو آهي ۽ مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته جلد ان کي وزير اعظم پاڻ وٽ گهرائي ملاقات ڪندو ۽ ان کي اعليٰ سول ايوارڊ پڻ ڏنو ويندو. گورنر سنڌ چيو ته ڄاڻايل انسپيڪٽر اسان جي ملڪ  جو هيرو آهي سندس ڪارنامي تي مان کيس سلام پيش ڪيان ٿو ۽ سنڌ پوليس کي فوري ايڪشن وٺڻ تي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو جو هڪ ظالم کي ته هنن ٺڪاڻي لڳائي ڇڏيو ۽ ٻئي کي گرفتار ڪيو آهي جيڪو گرفتار ٿيو آهي انشاءالله اسان جون عدالتون ان کي عبرتناڪ سزا ڏينديون ته جيئن ايندڙ وقت ۾ ڪنهن ٻئي کي اهڙي حرڪت ڪرڻ جي جرئت نه ٿئي. هن چيو ته ٻارڙي جي والده کي پنهنجي خرچ وغيره لاءِ 5 لک روپيا ڏنا آهن جڏهن ته ٻارڙي جي تعليمي ڪفالت جي لاءِ وفاقي وزير علي زيدي ذميواري کنئي آهي ته ميري ٽائيم وزارت ٻارڙي کي تعليمي اسڪالرشپ ڏيندي ۽ ٻارڙي جي والده کي ان کاتي ۾ نوڪري پڻ ڏني ويندي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.