ابرار قاضي اي جي پي جو صدر، امان الله شيخ جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو

حيدرآباد(رپورٽر) عوامي جمهوري پارٽي جو ڏهون ڪنوينشن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ نئين باڊي چونڊي وئي، ابرار  قاضي کي صدر چونڊجي ويو، سينيئر نائب صدر امداد پنهور ۽ جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي امان الله شيخ کي چونڊيو ويو، جڏهن ته نائب صدرزاهده ڏاهري، جوائنٽ سيڪريٽري ايازحسين وساڻ، خزانچي اعجازعلي سومرو، آفيس سيڪريٽري منصورسولنگي، انفارميشن سيڪريٽري گل حسن عرف گل بلوچ ۽ رابطا سيڪريٽري جي عهدي تي محمد قاسم شيخ کي چونڊيو ويو آھي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اي جي پي جي نئين چونڊيل صدر ابرار قاضي، جنرل سيڪريٽري امان الله شيخ، امداد پنهور، زاهده ڏاهري، اعجازسومرو، اصغر سولنگي، علي شير وساڻ، محمد نواز ڦل، منصورسولنگي، اي جي پي جي نئين قيادت سنڌ جي عوام جي حقيقي پارٽي آهي جيڪا سنڌ جي هارين نارين ۽ مزدورن جي پارٽي آھي جيڪا سموري سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن سان پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ اڳ ڀري هوندي. هنن چيو ته سنڌي قوم متحد آھي، جيڪا پنهنجا حق وٺڻ ڄاڻي ٿي. هنن چيو ته اي جي پي نج عوامي پارٽي، عوام جي نج مسئلن حل لاءِ قائم ٿي آھي، اي جي پي ڏهن سالن کان ميدان عمل ۾ سنڌ جي عوام سان گڏ آھي. هنن چيو ته اي جي پي سنڌ خلاف ڪنهن به آمراڻي قدم کي قبول نه ڪندي. هنن چيوته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آھن انهن تي ڪنهن جي به قبضي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. هنن چيو ته اي جي پي سنڌ جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت ڪندي، سنڌي قوم ڪنهن جي نه غلامي قبول ڪئي آھي نه ڪندي. هنن چيو ته اي جي پي عوامي پارٽي آهي جيڪا عوام جي تڪليف کي پنهنجي تڪليف سمجهي ٿي.

ابرار قاضي کي ساڳئي نالي سان پارٽي ٺاهڻ جو حق ناهي: وشنو مل

حيدرآباد: اختلافن سبب عوامي جمهوري پارٽي جي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجڻ کانپوءِ هڪ ڌڙي پاران ڪنوينشن ڪوٺائي مرڪزي باڊي چونڊڻ واري  مرحلي تي عوامي جمهوري پارٽي جي ٻي ڌڙي جي صدر وشنو مل ساڳي پارٽي جي نالي سان ٻي پارٽي جو بنياد وجهي ان جي باڊي چونڊڻ واري عمل تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اخلاقي طور تي ابرار قاضي وارن کي اهو حق نٿو پهچي ته هو عوامي جمهوري پارٽي جي نالي سان ٻي پارٽي ٺاهي ان جي مرڪزي باڊي چونڊي ڇڏين، هي غير مناسب رويو آهي، عوامي جمهوري پارٽي اليڪشن ڪميشن وٽ به رجسٽرڊ ٿيل آهي، وقت گذرڻ کانپوءِ دوستن کي خبر پئجي ويندي هڪ نالي سان ٻه پارٽيون ڪيئن ٿيون هلي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.