ڄامشورو : ناريجا برادري ۽ سول سوسائٽي جو خيرپور پوليس خلاف جو احتجاج

ڄامشورو ۾ ناريجا برادري ۽ سول سوسائٽي پاران خيرپور پوليس خلاف جو احتجاج ڪيو ويو.

خيرپور پوليس خلاف اصغر ناريجو , ڪاشف ناريجو , ظهير ڪانڌڙو , منور لعل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آر بي او ڊي سم نالي کان ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي  پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري خيرپور پوليس خلافسخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي اڳواڻن عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته خيرپور پوليس ڳوٺ فيض محمد ٻنڊو ۾ ناريجا برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو آهي ۽ اٺين ڪلاس ۾ پڙهندڙ 14 ورهين جي معصوم سڄڻ ناريجو گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته خيرپور پوليس پنهنجي اهڙي ڪهري ڪارروائي کي صحيح ثابت ڪرڻ لاء معصوم سڄڻ ناريجو کي ڌاريل قرار ڏئي رهي آهي جنهن جي سخت سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي.

احتجاج ڪندڙن  آءِ  جي سنڌ سميت ٻين اعلي’ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته خيرپور پوليس خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.