ڪوٽڙي: عوامي جمهوري پارٽي پاران ضلعي ڪنوينشن ڪوٺايو ويو

ڪوٽڙي ۾ عوامي جهموري پارٽي جو ضلعي ڪنوينشن ڪوٺايو ويو،

ڪنوينشن ۾ عوامي جهموري پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ سيد لال شاھ، پروفيسر ڊاڪٽر اسلم پرويز، پروفيسر سراج سيال، قربان پنهور، نظير قريشي سميت شاگرد، پارٽي ورڪر توڙي صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ڪنوينشن ۾ ضلعي جي باڊي پڻ چونڊي وئي جنهن ۾ ضلعي صدر لاء مقصود شورو، جنرل سيڪرٽري علي محمد پنهور  ، سينئر نائب صدر ادريس پنهور ۽ ٻيا عهديدار چونڊيا ويا،

ان موقعي تي پارٽي اڳواڻ لعل شاھ، پروفيسر اسلم پرويز، قربان پنهور ۽ ٻين  چيو ته سنڌ جا ٻيٽ وفاق حوالي ٿيڻ خلاد سڄي سنڌ فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ سنڌ جا لکين روڊن تي نڪري احتجاج ڪري رهيا آهن پر طاقت جي نشي ۾ حڪمران انڌا ٿي ويا آهن جن کي سنڌي ماڻهن جو تاريخي احتجاج نظر نٿو اچي، سنڌ جا ٻيٽ ڪروڙين سالن کان سنڌ جي ملڪيت آهن جن کي هڪ آرڊينينس ذريعي سنڌ کان ڌار ڪري نٿو سگهجي.

هنن  چيو ته سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻڏل آهي، ايڪيهين صديء ۾ به سنڌ جا اسڪول مينهن جا واڙا بڻيل آهن جڏهن ته سنڌ حڪومت سکڻين ڳالهين کان اڳتي وڌي عملي طور ڪجھ به ڪرڻ لاء تيار ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.