ڀرياسٽي: سنڌ صحافي اتحاد پاران صحافي عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو

ڀرياسٽي ۾ سنڌ صحافي اتحاد جي سڏ تي محرابپور جي شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاء پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي سنڌ صحافي اتحاد ويلفيئر آرگنائيزيشن جي مرڪزي چيئرمين ايم ظفر تڳر ۔ اختر چانڊيو ۔بچل هنگورو ۔اختر حسين چانڊيو  ٻين خطاب ڪندي چيو ته صحافي عزيز ميمڻ جي قتل جا پيرا پيپلزپارٽي بلاول ٽرين مارچ ڏي وڃي رهيا آهن عزيز ميمڻ هڪ بيباڪ صحافي هو ۔سچ لکڻ تي کيس بيگناهه قتل ڪيو ويو۔

هنن چيو ته سنڌ حڪومت پاران جوڙيل جي آء ٽي مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي ۔ قتل جو ماسٽر مائيڊ مشتاق سهتو سياسي پٺ ڀرائي هجڻ ڪري هن مهل تائين گرفتار ناهي ٿي سگهيو

صحافي اتحاد ويلفيئرارگنائيزيشن  جي اڳواڻن اعلان ڪندي چيو ته ايندڙ آچر تي مورو پريس ڪلب  اڳيان احتجاج ڪيو ويندو جنهن کان پوءِ  جلد گورنر هائوس اڳيان به احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو.

ته احتجاجي ريلي ۾ پ پ شهيد ڀٽو۔ ايس ٽي پي ۔ ن ليگ اڳواڻن سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.