ڀان سيدآباد: رودناڻي برادري پاران ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاج مظاهرو

ڀان سيدآباد ۾ رودناڻي برادري پاران ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاج مظاهرو ڪيو ويو.

پيرشاخ جي رهواسين ، قادربخش، بهاول رودناڻي ۽ ٻين  پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته مخالفن ڀان سيدآباد ٿاڻي تي نارين جي اغوا ۽ ڌمڪين جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن جنهن تي پوليس 3 ماڻهن گلبهار، ذوالفقار ۽ ڪامل رودناڻي کي گرفتار ڪيو آهي.

هنن چيو ته نارين جي اغوا سان سندن ڪو به واسطو نه آهي، بااثر گل محمد، ، مراد ۽ ٻيا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي  ڌمڪيون پڻ ڏنيون ڏئي رهيا آهن.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي ڪوڙا ڪيس خارج ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.