شوگر ملون پنهنجو قبلو درست ڪن، آبادگارن سان زيادتي برداشت نه ڪبي: ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي

ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي عثمان عبدﷲ چيو آهي ته ضلعي گهوٽڪي جون شوگر ملون پنهنجو قبلو درست ڪن، آبادگارن سان زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي،

اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس جي ڪاميٽي روم ۾ ضلعي جي پنجن ئي شوگر ملز جي عملدارن سان ڪوٺايل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو.

گڏجاڻي ۾ ڊي ايس پيز، موٽر وي پوليس عملدارن ۽ مختيارڪارن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته عوام شڪايتون ڪندو رهي ٿو ته ضلعي جون شوگر ملون مقامي آبادگارن سان زيادتيون ڪن ٿيون ۽ وقت سر رقم به ادا نه ٿي ڪئي وڃي انڪري اهڙي صورتحال ڪنهن به ريت برداشت نه ڪئي ويندي، آبادگارن کي وقت سر رقم ادا نه ڪندڙ ملز خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

ڊي سي گھوٽڪي عملدارن کي هدايت ڪئي ته مقامي نوجوانن کي ترجيح ڏني وڃي ۽ گذريل 3 سالن جي دوران ڀرتي ڪيل ملازمن بابت تفصيل فراهم ڪيا وڃن.

هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي  ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ شوگر مل کي قانون موجب سيل ڪيو ويندو ڊپٽي ڪمشنر شوگر ملز انتظاميه کي هدايت ڪئي ته سي ايس آر فنڊن تحت ضلعي ۾ جيڪي عوامي ڀلائي وارا ڪم ڪرايا ويا آهن يا جيڪي نوان ڪم پلان ۾ شامل آهن انهن بابت تفصيلي رپورٽ فراهم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.