عوامي رابطا تحريڪ پاران سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف 22 نومبر تي احتجاجي ريلي جو اعلان

عوامي رابطه تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف  22نومبر تي مڪلي کان ٺٽي پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي جنهن ۾ ماڻھن کي شرڪت جي اپيل ڪيون ٿا.

ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عوامي رابطه تحريڪ جي مرڪزي چئيرمين سرور پليجو ، تزيلا خاصخيلي ،طاهرا پليجو ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي سنڌ حڪومت جي ملي ڀگت سان وفاقي حڪومت پاران قبضي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي سنڌ جي وسيلن تي ڪنهن به صورت ۾ قبضي جي اجازت نه ڏبي ٻيٽ ڌرتي ڌڻين جا آھن.

هنن چيو ته سنڌ حڪومت ڀڳڙن جي مٺ سنڌ جون زمينون ملڪ رياض حوالي بحريا ٽاون ٺاهي وڏي تعداد۾ ڌاري آباد ڪري ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو آهي ۽ ھاڻي سنڌ جي ٻيٽن ساحلي ۽ ڪوهستاني زمينن تي قبضي ڪرڻ لاء اتان جي ماڻھن کي هيسائي پيو وڃي جنهن کي ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ڌرتي ڌرتي ڌڻين جي ملڪيت آھي ان جو مڪمل طور تي تحفظ ڪيو ويندو.

اڳواڻن اعلان ڪندي چيو ته ٻيٽن تي قبضي خلاف 22نومبر تي مڪلي کان ٺٽي پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي جنهن ۾ ماڻھن کي شرڪت جي اپيل ڪيون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.