چونڊ ڀڃڪڙين تي اليڪشن ڪميشن جي ماٺ افسوسناڪ آهي: مصطفيٰ نواز کوکر

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ چونڊ ڀڃڪڙين تي اليڪشن ڪميشن جي ماٺ افسوسناڪ آهي.

لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته سپريم اپيليٽ ڪورٽ جا حڪمن جا به بخيا اڊيڙيا ويا، ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنز تي دير جا حربا استعمال ڪيا ويا.

هن چيو ته پ پ اميدوارن جي دانهن تي به اليڪشن ڪميشن ڪارروائي نه پئي ڪري، اليڪشن ڪميشن ڳڻپ جي عمل کي شفاف بڻائي پاڻ کي تڪراري ٿيڻ کان بچائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.