ميرپوربٺورو: شهري اتحاد پاران بدامني، منشيات جي وڪري ۽ يارهين، ٻارهين جا ڪلاس نه هلڻ خلاف احتجاج

ميرپوربٺوري ۾ شهري اتحاد پاران شهر ۾ وڌندڙ بدامني، منشيات جي وڪري ۽ يارهين ۽ ٻارهين درجي جا ڪلاس نه هلڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،

شهري اتحاد جي اڳواڻن ڏاڏا اسماعيل شورو، فقير محمد علي خواجه، قاسم رنگريز ۽ ٻين جي  اڳواڻي ۾ نيشنل بئنڪ چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو،

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پوليس جي نااهلي سبب شهر جي مختلف علائقن مان موٽر سائيڪل چورين جون وارداتون معمول بڻيل آهن، منشيات جي وڪري سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول ميرپوربٺورو ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان يارهين ۽ ٻارهين درجي جا ڪلاس نه هلڻ ڪري شاگردن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي پر تعليم کاتي پاران ڪو به تدارڪ ناهي ٿي سگھيو.

هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو  شهر ۾ وڌندڙ بدامني تي ڪنٽرول ڪري پوليس جي سرپرستي هيٺ سرعام هلندڙ منشيات جو خاتمو آڻي، يارهين ۽ ٻارهين درجي جا ڪلاس شروع ڪرايا وڃن ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.