ايران ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ رڪارڊ واڌ

 

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا رڪارڊ ساڍا 12 هزار کان وڌيڪ ڪيس سامهون آيا آهن.

اهو ڪورونا وبا سامهون اچڻ کانپوءِ ايران ۾ هيل تائين هڪ ڏينهن اندر سامهون ايندڙ سڀ کان وڏو انگ آهي.

ايران جي صحت واري وزارت موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سامهون ايندڙ نون ڪيسن کانپوءِ ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جو ڪُل انگ 7 لک 62 هزارن کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته فوتين جو انگ 41 هزار 5 سئو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.