پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ جو ناليوارو هدايتڪار اقبال ڪاشميري لاڏاڻو ڪري ويو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فلم انڊسٽري جي سينيئر ڊائريڪٽر ۽ ناليوارو فلم ساز اقبال ڪاشميري لاڏاڻو ڪري ويو.

خانداني ذريعن موجب اقبال ڪاشميري گڙدن جي عارضي ۾ ورتل هو ۽ گذريل هڪ هفتي کان اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.

گهر ڀاتين جو چوڻ هو ته ڊاڪٽرن اقبال ڪاشميري جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي هئي.

اقبال ڪاشميري سوڳوارن ۾ 4 ڌيئرون ۽ 2 پٽ ڇڏيا آهن.

سندس هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ مشهور فلمن ۾ ”بليڪ وارنٽ، رنگيلي جاسوس ۽ سستا خون مهنگا پاني“ شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.