ڳڻپ وقت مبصرن جو نه هجڻ ڌانڌلي جي برابر آهي: پ پ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جو خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ جا 6 سئو کان وڌيڪ مبصر چونڊ کي مانيٽر ڪري رهيا آهن، مبصرن کي پولنگ اسٽيشنز تان هٽايو ويو آهي.

پ پ سينيٽر شيري رحمان بيان ڏيندي چيو ته مبصرن جو پولنگ اسٽيشنز ۾ نه هجڻ چونڊن جي شفافيت تي سوال اٿاري رهيو آهي، ڳڻپ وقت مبصرن جو نه هجڻ ڌانڌلي جي برابر آهي، فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ جي مبصرن کي ووٽن جي ڳڻپ وقت اندر موجود هجڻ گهرجي، انهن کي پولنگ اسٽيشنز اندر رهڻ جي اجازت ڏني وڃي، ووٽن جي ڳڻپ وقت سڀني مبصرن کي پهچ ڏني وڃي.

هن چيو ته عورتن جي ووٽنگ تي ڄاڻي واڻي پابندين تي سخت ڳڻتي آهي، اهي واقعا چونڊن جي ساک کي نقصان پهچائي سگهن ٿا، چيف اليڪشن ڪمشنر فوري طور مداخلت ڪري ۽ مسئلو حل ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.