ن ليگ ايم پي اي تي اسسٽنٽ ڪمشنر جي اغوا ۽ تشدد جي الزام ۾ ڪيس داخل

 

پاڪپتن (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ضلعي پاڪ پتن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر (اي سي) خاور بشير کي اغوا ۽ تشدد جو نشانو بڻائڻ جي الزام ۾ ن ليگ پنجاب اسيمبلي ميمبر ميان نويد علي ۽ سندس پيءُ سميت 8 ڄڻا تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ آر ۾ اي سي خاور بشير موقف اختيار ڪيو آهي ته ايم پي اي نويد علي جي شادي هال ۾ قانون جي ڀڃڪڙي تي چيڪنگ ڪئي ۽ مئنيجر غلام مصطفيٰ تي 50 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ته ايم پي اي ميان نويد علي مڇرجي پيو ۽ پنهنجي ڇاڙتن کي چيو ته اهي مون کي پڪڙي ماري ڇڏين.

ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن مون کي پڪڙي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ڌمڪيون به ڏنيون، جڏهن ته اغوا ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ٻڌو ويو.

اي سي موجب ايم پي اي سرڪاري فائن بڪ ۽ ڏنڊ جي رقم به کسي ورتي ۽ ان شرط تي ڇڏيو ويو ته ٻيهر ان جي مارڪي تي نه ويندس.

پوليس ايم پي اي نويد علي ۽ سندس پيءُ سميت 8 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار واقعي جو نوٽيس وٺندي آر پي او ساهيوال کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.