”گلگت بلتستان جو عوام هڪ ڏهاڪي کان پاڻ تي مڙهيل نااهل ٽولي کي رد ڪري ڇڏيندو“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته گلگت بلتستان جو عوام پنهنجي ووٽ جي طاقت سان هڪ ڏهاڪي کان انهن تي مڙهيل نااهل ٽولي کي رد ڪري ڇڏيندو.

ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي شبلي فراز لکيو ته اڄ گلگت بلتستان جو عوام پنهنجي روشن مستقبل لاءِ ووٽ جو جمهوري حق استعمال ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته انهن جو جذبو ان ڳالهه کي ظاهر ٿو ڪري ته اهي تبديلي جا خواهشمند آهن، گلگت بلتستان جو عوام پنهنجي ووٽ جي طاقت سان ان تي هڪ ڏهاڪي کان مڙهيل ٽولي کي رد ڪري ڇڏيندو، ڇو ته انهن جي ترجيح ڪڏهن عوام جي ڀلائي نه رهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.