جهانگير ترين، علي ترين ۽ شهباز شريف جي پٽن خلاف ڪيس داخل

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي کنڊ ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جهانگير ترين، علي ترين، حمزا شهباز ۽ سليمان شهباز خلاف ڪيس داخل ڪري ورتا.

فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي کنڊ ۽ مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگيز ترين، سندس پٽ علي ترين، ن ليگ صدر شهباز شريف جي پٽ حمزا شهباز ۽ سليمان شهباز خلاف ڪيس داخل ڪري ورتا آهن.

ايف آءِ اي ذريعن موجب ڪيس ۾ امانت ۾ خيانت، دوکي بازي ۽ فراڊ سميت مني لانڊرنگ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

ايف آءِ آر موجب چئني جوابدارن خلاف ايف آءِ اي ۾ کنڊ اسڪينڊل سميت مني لانڊرنگ جي جاچ هلي رهي هئي، جڏهن ته علي ترين، جهانگير ترين، حمزا شهباز، سليمان شهباز خلاف الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.