ميهڙ: ٽائون ڪاميٽي خيرپور ناٿن شاهه جي ملازمن جو بحاليءَ لاءِ احتجاج

ميھڙ  ۾ 2012 ۾ برطرف ٿيل ملازم ٽائون ڪاميٽي خيرپور ناٿن شاهه جي ملازمن پاران احتجاج ڪيو ويو.

مختيار علي ٻگھي ۽ عبدالحفيظ سومري ميهڙ پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪندي چيو ته 2012 ۾ ان وقت جي ڊي سي ٽائون ڪاميٽي ڪي اين شاہ جي 144 ملازمن کي بنا  جواز برطرف ڪيو هو  ۽ مسلسل مختلف ھنڌن تي احتجاج ڪرڻ باوجود ھن وقت تائين ڪو تدارڪ ناهي ٿي سگھيو.

هنن الزام هڻندي چيو ته سوشل ميڊيا تي احتجاجي ڪيمپين هلائڻ تي ميونسپل ڪاميٽي ڪي اين شاہ جو آفيس سپرينٽينڊنٽ عبدالحميد عباسي ليگل نوٽيس ڏياري مختلف قسمن جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي جيڪو سراسر ظلم آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي آفيس سپريڊنٽ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ بحال ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت صورت ۾ ملازم بيروزگاري کان تنگ اچي پنھنجو پاڻ کي باہ ڏئي ساڙينداسين.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.