جروار: اڻڄاتل هٿياربندن هٿان نوجوان قتل

جروار ڀرسان اڻ ڄاتل هٿياربندن گھر ۾ گھڙي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.

يارولنڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڇتو لنڊ ۾  رات دير سان  اڻ ڄاتل هٿياربندن گھر ۾ گھڙي ننڊ ستل نوجوان آصف لنڊ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي سول اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

مقتول جي  پيءُ  عظيم لنڊ ٻڌايو ته ڪنهن سان  به دشمني ناهي ناحق منهنجي پٽ کي قتل ڪيو ويو آھي.

ٻي پاسي يارو لنڊ پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ هن وقت تائين معلوم ناهي ٿي سگھيو  وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.