مٺياڻي: مزاحمت تي چورن هٿان نوجوان قتل

مٺياڻي  ڀرسان چورن گھڙ ۾ گھڙي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.

مٺياڻي ڀرسان ڳوٺ عمر انڙ ۾ رات دير سان چور گھر ۾ داخل  ٿيا جنهن دوران  مزاحمت ڪرڻ تي چورن نوجوان  عرفان علي انڙ کي گوليون هڻي قتل زخمي ڪري ڇڏيو جنھن کي فوري طور  ڳڻتي جوڳي حالت ۾  مورو اسپتال اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور ن سهندي  فوت ٿي ويو جنهن کان پوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

جڏهن ته لاش گھڙ پهچڻ تي مقتول جي ماءُ کي بيحوشي جا دورا پئجي ويا.

آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو ب ڪيس داخل ناهي ٿي سگھيو۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.