ڪورونا جو شڪار عامر لياقت حسين اسپتال داخل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ايم اين اي عامر لياقت حسين ڪورونا وائرس سبب اسپتال داخل ٿي ويو.

ناليواري اينڪر عامر لياقت حسين ۽ سندس گهرواري طوبيٰ عامر جي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آئي هئي.

هاڻ عامر لياقت ٽوئيٽر اڪائونٽ تي پنهنجون تازيون تصويرون جاري ڪيون آهن، جن ۾ هو اسپتال ۾ بيڊ تي ستل نظر اچي رهيو آهي.

هن تصويرن سان گڏ لکيو آهي ته هٿ ٻڌي دعائن جي گذارش، ڇو ته مان ڪورونا سان وڙهي نه رهيو آهيان پر پناهه گهري رهيو آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.