پاڪستان ۾ ڪورونا جا 2 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس ۽ 32 فوتگيون رپورٽ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن جو انگ 26 هزارن کان وڌي ويو، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 32 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 هزار 443 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جو مجموعي انگ 3 لک 56 هزار 904 ٿي ويو.

اين سي او سي چيو آهي ته ملڪ ۾ فعال ڪيسن جو انگ وڌي 26 هزار 538 ٿي ويو آهي، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 32 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ فوت ٿيندڙن جو گڏيل انگ 7 هزار 141 ٿي ويو آهي.

انگن اکرن موجب سنڌ ۾ ڪورونا مريضن جو انگ هڪ لک 54 هزار 738، پنجاب ۾ هڪ لک 9 هزار 993، خيبر پختونخواهه ۾ 41 هزار 990، اسلام آباد ۾ 23 هزار 994، بلوچستان ۾ 16 هزار 393، آزاد ڪشمير ۾ 5 هزار 349 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 447 آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.