ايٽمي جنگ آپگهات آهي پر ڀارت پاڪستان جي صلاحيتن کي ڄاڻي ٿو: پرڏيهي وزير

 

ملتان (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت جي ڀرپور ڪوشش آهي ته پاڪستان ۾ عدم استحڪام ٿئي ۽ معاشي خوشحالي ۾ رنڊڪ وڌي وڃي.

ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ڪرائي رهيو آهي، ڀارت سي پيڪ کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو پر اسان کي ڀارت جي ارادن کي سمجهڻو به آهي ۽ انهن کي ناڪام به بڻائڻو آهي، ڀارتي قدمن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو.

هن چيو ته ڀارت گلگت بلتستان ۾ به حالتون خراب ڪرائڻ ٿو چاهي، وزيراعظم بنا دير پاڪستان جو موقف اجاڳر ڪرڻ لاءِ ٽوئيٽ ڪيو، ايٽمي جنگ آپگهات آهي پر ڀارت پاڪستان جي صلاحيتن کي ڄاڻي ٿو، سڄي دنيا کي اسان جي صلاحيتن جي خبر آهي.

سندس چوڻ هو ته هڪ ملڪ دهشتگردي کي هٿي ڏئي ٿو، اسٽيٽ پاڻ ايڪٽ ڪري رهي آهي، ٻئي ايٽمي قوتون آهن، دنيا کي ڀارت جي ان پلان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.