گلگت بلتستان ۾ پ پ اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي: نواب وساڻ

ڪنب (ن ع آ) وزيراعليٰ سنڌ جي معاون خاص نواب خان وساڻ ڪنب ڀرسان ڳوٺ محمد بخش لهراڻي ۾ اشفاق حسين لهراڻي، مٺل لهراڻي ۽ اقرار حسين لهراڻي پاران  منعقد تقريب جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت عوام سان ڪيل ڪو واعدو وفا ناهي ڪيووزيراعظم عمران خان پاران هڪ ڪروڙ نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو پر روزگار ته نه ڏنائين ويتر 40 لک ماڻھن کي بيروزگار ڪيو ويو آھي ملڪ ۾ بيروزگاري آھي غربت وڌي رهي آھي حڪومت وٽ عوام لاءِ ڪوبه پيڪيج ناهي اٽي ۽ کنڊ جون قيمتون ايتريون وڌي ويون آھن جو ماڻھو هڪ ويلي جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان آھن عوام عمران خان حڪومت کي بددعائون ڏئي رهيو آھي ۽ عوام حڪومت کي رجيڪٽ ڪري ڇڏيو آھي  نواب خان وساڻ چيو ته گلگت بلتستان ۾ پ پ اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.