اسلام ڪوٽ ۾بيروزگار پورهيت جو ٻارن سميت احتجاج

مٺي(بيوروچيف) اسلام ڪوٽ شهر جي فقير پاڙي جي رهواسي بيروزگار نوجوان مشتاق فقير نوڪري نه ملڻ خلاف ڪالھ سترنهن ڏينهن به پريس ڪلب اسلام ڪوٽ اڳيان ٻارڙن سميت احتجاج جاري رکيو،جتي اڳوڻي ٽائون چيئرمين ڪمليش ڪمار،پ پ ليڊيز ونگ جي اڳواڻ سمترامنجياڻي پهچي يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ سان گڏ ديوالي جي مٺائي ڏني،احتجاج ڪندي مشتاق فقير چيو ته بيروزگار آهيان،ڏھ ڀاتي گهر ۾ کائڻ وارا آهن،معذوري سبب گهر جو گاڏو هلائڻ مشڪل ٿي پيو آهي،ڪير به دانهن نہ ٿو ٻُڌي،چونڊيل نمائيندا سڃاڻين به نه ٿا،نوڪريون ميرٽ تي ڏيڻ بدرن من پسندن کي نوازيو پيو وڃي پر اسين پڙهيل لکيل مستحق محروم آهيون،اڄ ديوالي تي به احتجاج ڪري رهيو آهيان،هن چيو ته مونکي ٻه ڏينهن اڳ ۾ ايس ايس پي پاڻ آفيس تي گهرايو هو،آئون هتان چندو ڪري ڪرايو ڀري ويس پر ايس ايس پي نه مليو،هاڻي ماڻهو مونکان پڇن ٿا ته ايس ايس پي توکي ڇا ڏنو،آئون ڇا ڪهڙو جواب ڏيان،مونکي خوشي ٿي هئي ته ايس ايس پي ڪو مدد ڪندو،پر مدد ته ٺهيو مونکي گهرائي ويتر تذيل ڪئي ويئي ذميوار آفيسر کي ائين ڪنهن غريب جي تذليل نه ڪرڻ گهرجي،اگر مدد نه ڪرڻي هئي يا نه ملڻو هو تہ مونکي آفيس ۾ گهرايو نه وڃي ها،مونکي دلي ڏُک پهتو،آئون اڍائي سئو ٻچڙن جي اٽي جا مليا اُهو ڪرايو ڪري آيس،هن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي تہ معذور ڪوٽا مان ڪا نوڪري ڏني وڃي تہ جئين گهر جو گاڏو هلائي سگهان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.