پ پ جمهوريت تي يقين رکي ٿي:خير محمد شيخ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي جو اجلاس صدر خير محمد شيخ ۽ جنرل سيڪريٽري انور علي نواز لُهر جي صدارت هيٺ بيگم نصرت ڀٽو هال ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ 30 نومبر تي ملتان ۾ ٿيندڙ يوم تاسيس ۽ پي ڊي ايم جي جلسي جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي پي پي پي سٽي صدر خير محمد شيخ ۽ انور علي نواز لُهر چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي، اسان جي پارٽي ملڪ ۾ آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت تي يقين رکي ٿي، پي ٽي آءِ جي حڪومت جي صورت ۾ ملڪ ۾ سولين ڊڪٽيٽرشپ قائم آهي، نااهل حڪمرانن جي ڪري اڄ ملڪ مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي ۽ غريب ماڻهو ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان آهن، پي پي پي جي حڪومت ۾ عام واهپي جون شيون سستون هيون ۽ اسان جي قيادت لکين بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏئي ثابت ڪيو ته اسين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن تي عمل ڪري رهيا آهيون، اڄ اسان جي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪوچيئرمين آصف علي زرداريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ملڪ اندر حقيقي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ سرگرم آهي ۽ پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان سمورن اپوزيشن پارٽين جي اتحاد جي صورت ۾ هڪ ڏينهن پي ٽي آءِ جي نااهل حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت کي بحال ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.