لاڙڪاڻي ۾ شهري جو ڊاڪٽرن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي الهه آباد پاڙي جي رهواسي بٺي جي مزدور حبيب الله ڪلهوڙو ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب گهر واري جي حالت خراب ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن صحافين آڏو روئيندي ٻڌايو ته 24 ڏينهن اڳ مون منهنجي گهر واري شاهده کي ويم جي لاءِ شيخ زيد وومين اسپتال داخل ڪرايو جتي آپريشن ۾ گهر واري کي ڌيءُ جي اولاد ٿي ۽ ڌيءُ آپريشن دوران ئي فوت ٿي وئي. هن الزام لڳايو ته آپريشن ڪندڙن ڊاڪٽرن آپريشن دوران گهر واري جو غفلت آپريشن ڪندي کيس ٽانڪا به نه هنيا جنهن ڪري هن وقت به سندس جي حالت انتهائي خراب آهي جڏهن ته گذريل سومر تي ڊاڪٽرن ٻيهر آپريشن ڪري گهر واري جي ٻچي داني ڪڍي ڇڏي ان کان علاوه ڊاڪٽرن طرفان مون کي 42 ٽيسٽون ۽ ايڪسري ڪرائڻ جو چيو جنهن تي مون وياج تي قرض کڻي گهر واري جي علاج تي هن وقت تائين اڍائي لک روپيا خرچ ڪري چڪو آهيان هن وقت ايتري سگهه جو ناهي جو گهر واري جو وڌيڪ علاج ڪرائي سگهان، ڊاڪٽرن گهر واري جو غلط آپريشن ڪيو جنهن ڪري هوءَ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل آهي. هن انصاف جي اپيل ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.