ھاءِ اسڪول مڪلي ۾شاگردن جو عالمي ڏھاڙو ملھايو ويو

ٺٽو(بيورو چيف)گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول مڪلي ۾ شاگردن جو عالمي ڏھاڙو ملھايو ويو. جنھن ۾ شاگردن جي وچ ۾  قرآن پاڪ، نعت، بيت بازي، تقرير، ڊرائنگ ۽ خطاطي جا مقابلا منعقد ڪيا ويا. انھن مقابلن جي انعام ورھائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڊي اي او ايجوڪيشن ٺٽو محمد نصير ميمڻ، اسپيشل ايجوڪيشن ٺٽو جي پرنسپل نديم ابراھيم، اسڪول جي ھيڊماستر گل محمد سولنگي، محمد حسن سومرو، صحافي محبوب بروھي، اديب محمد رمضان ميمڻ، صفدر ٺٽوي، شاعر عبدالحميد مھراڻوي، حافظ غلام رسول مالھيو ۽ ٻين چيو ته  شاگرد اسان جي مستقبل جا معمار آھن. ان ڪري انھن جي حوصلہ افزائي اسان جو فرض آھي. اھڙن پروگرامن سان شاگردن جو حوصلو وڌندو ۽ ھو اعتماد سان پنھنجي صلاحيتن جو مظاھرو ڪري سگھندا. ھنن چيو تہ ھن ٿيل مقابلن مان ثابت ٿيو آھي تہ شاگردن ۾ وڏو ٽيلنٽ موجود آھي. .

جيڪڏھن ڪا کوٽ آھي تہ اھا موقعا نہ ملڻ ۽ انھن جي حوصلہ افزائي نہ ٿيڻ آھي، آخر ۾ ڪامياب ٿيل شاگردن کي شيلڊون، سرٽيفيڪيٽ ۽ ڪيش انعام ڏنا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.