جيڪب آباد ۾ پيپلز ليبر يونين جو اليڪشن بابت جلسو

جيڪب آباد (ڊر) سئي سدرن گئس پيپلز ليبر يونين سنڌ بلوچستان جي 20 نومبر تي ٿيندڙ انٽرنل اليڪشن جي سلسلي ۾ گئس آفيس جيڪب آباد ۾ مزدورن جي جلسي کي پاڪستان پيپلز پارٽي ليبر ونگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ پيپلز ليبر يونين سنڌ بلوچستان جي چيئرمين سيد فياض علي شاه سئي گئس جي مينجمنٽ کي چتاءُ ڏيندي چيو ته اوهان پنهنجو قبلو درست ڪيو نه ته 20 نومبر کان پوءِ انهن خلاف دما دم مست قلندر ڪندا سون ڇو ته گيهه ڪڍڻ لاءِ آڱريون ٽيڙيون ڪرڻيون پونديون، هن چيو ته اسان جو جهيڙو مخالف يونين وارن سان ناهي پر گئس منيجمنٽ وارن سان آهي، جن کان پنهنجي 5 هزار مزدورن جا حق کسي وٺندا سون، هن چيو ته اسان جي مخالفن جي هيءَ آخري اليڪشن ثابت ٿيندي ان لاءِ مزدورن کي 20 نومبر تي گلاب جي گل نشان تي ٺپو هڻي مزدورن جي حقيقي نمائندن کي کٽائڻو پوندو. جلسي کي مرڪزي جنرل سيڪريٽري جي اميدوار رضوان احمد ملاح خطاب ڪندي چيو ته اسان پنهنجي ٻن سالن جي دور ۾ ڪمپني جي 5 هزار ملازمن کي بهترين چارٽر وٺي ڏنو سي ۽ ملازمن جي اولاد کي سن ڪوٽا تحت نوڪرين جا آرڊر وٺي ڏنا، جبري طور بدلي ڪيل ملازمن جون بدليون رد ڪرايون ويون.

نئون مقرر ٿيل ايس ايڇ او گرفتار ڪرايل چور آزاد ڪري ڇڏيو آهي: پير بخش گوپانگ

ڪوٽڏيجي (ن ع آ) ڪوٽڏيجي پريس ڪلب جي سينيئر نائب صدر پير بخش گوپانگ جو پريس ڪلب ڪوٽڏيجي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنب ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام رضا ڳوپانگ ۾ منهنجو گهر آھي، چور ڪريم بخش گوپانگ چوري جي ارادي سان داخل ٿيو رڙيون ڪرڻ تي چور فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس سان گڏجي چور کي گرفتار ڪرايو. ڪالهه نئون ايس ايڇ او مقرر ٿيندي ئي گرفتار ڪيل چور کي رشوت عيوض آزاد ڪري ڇڏيو آهي. هن مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي چورن جي ساٿارين ۽ عدالتن کان مٿاهون  فيصلو ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪري کينس انصاف ڪيو وڃي.

ٿاڻي بولا خان ۾ ڏياري جو تهوار ملهايو ويو

ٿاڻوبولاخان ( ن ع آ ) ڪوهستان جي مختلف شهرن ٿاڻوبو لاخان، ٿاڻو احمدخان سري مول ۽ ٻين علائقن ۾ ڏياري جو تهوار جوش جذبي سان ملهايو ويو هندو برادري جي مردن عورتن ٻارن پاران  مندرن ۾ پوڄا پاٺ ڪري ملڪ جي سلامتي خاطر پرٿنائون ڪيون ويون ان سان گڏ گهرن کي رنگ روڳن  ڪري بتين سان سجايو ويو گهرن ۾ ڏئيا ٻاريا ويا گهرن م مٺا طعام تيار ڪيا ويا مسلم ڀائرن ۾ مٺائي تقسيم ڪئي فٽاڪا سوسريون بم ٻاريا ويا نوان جوڙا پائي هڪ ٻئي کي ڏياري جون واڌايون ڏنيون ويون ڀڄنن  تي جهمريون هنيون ويون ڪانا ٻاريا ويا

پوليو مهم دوران ذري برابر به لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي: ڊي سي خيرپور

خيرپور (ڊر) ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي يونين ڪائونسل شاهه جيلاني جي 2 گهرن ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيارڻ وارو اطلاع ملڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوليو مهم دوران ذري برابر به لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي، رهجي ويل ٻارڙن کي فوري طور پوليو جا ڦڙا پياري رپورٽ فراهم ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس جي درٻار هال ۾ پوليو مهم جي حوالي سان ڪوٺايل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر محمد حسين ابڙو ۽ ميڊيڪل آفيسرن سميت پي پي ايڇ آئي، تعليم، سوشل ويلفيئر ۽ پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي عملدارن توڙي مختلف سماجي تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر احمد علي قريشي خطاب ڪندي چيو ته پوليو مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پوليو ورڪرن جي سکيا ۽ مائڪرو پلان تي خاص ڌيان ڏنو وڃي.

سکر ۾ برابري پارٽي جو ميڙاڪو، پارلياماني پارٽي تي تنقيد

سکر(رپورٽر) برابري پارٽي پاڪستان ضلعي سکر جي گڏجاڻي، عبدالنبي ابڙو جي صدارت هيٺ ٿي گذري، گڏجاڻي ۾ برابري پارٽي پاڪستان جي مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر شهناز خان، اختيار احمد سومرو، ايڊووڪيٽ هارون رشيد کوسو، امجد گورڻ، علي مراد ابڙو، ڊاڪٽر الله وسايو چوهاڻ، غلام نبي ابڙو، فضل الرحمان ابڙو، نثار احمد، ولي محمد، سيد علي محمد شاهه سميت وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، گڏجاڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ اڄ ڏينهن تائين جيڪي به پارليماني پارٽيون اقتدار ۾ آيون آهن. انهن جي قيادت ملڪ جي جاگيردارن، سرمائيدارن عوام لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو، برابري پارٽي واحد پارٽي آهي جنهن اسٽيٽس ڪو کي چيلينج ڪيو آهي. برابري پارٽي اسيمبلين ۾ ملڪ جي محنت ڪش مزدورن، نوجوانن، اديبن، شاعرن ۽ عوام دوست ماڻهن جي آواز پهچائيندي. هنن نوجوانن کي اپيل ڪئي ته موجودا وقت جو آواز آهي ته توهان ملڪي قيادت سنڀاليو ۽ پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.