جوهي ۾ انتظامياطرفان پيئڻ جو پاڻي بند، احتجاج جي ڌمڪي

جوهي ( ن ع آ  ) جوهي شھرين لاءِ پبلڪ هيلٿ کاتي طرفان پيئڻ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو، شهرين به ٻن ڏينهن جو مهلت ڏيندي ڀرپور تحريڪ هلائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. ان سلسلي ۾ شھرين پير مولا بخش قاضي، سڪندر سومرو، ڪامريڊ حاجن بروهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ مولا داد رند، ڪامريڊ جمن سنڌي ۽ ٻين شھرين عوامي آواز آفيس اڳيان دانهيندي الزام هنيو آھي ته جوهي شھر اندر پيئڻ جو مٺو پاڻي شھرين لاءِ پبلڪ هيلٿ بند ڪري ڇڏيو آھي. هزارين رهواسي پاڻي جي ڍڪ لاءِ ترسي رهيا آھن. ھنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، وڏي وزير،پبلڪ هيلٿ کاتي جي صوبائي وزير، سيڪريٽري ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته جوهي شھر ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي طرفان ھٿرادو بند ڪيل واٽر سپلاءِ آر او پلانٽ شروع ڪرائي شھرين کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.