ڪراچي پوليس جي مبينا تشدد ۾جوابدار جي فوتگي، قتل ڪيس داخل

گڏاپ (ن ع آ) پنج ڏيھن اڳ سھراب ڳوٺ ٿاڻي ۾ مبينا پوليس تشدد ۾ فوت ٿي ويل جوابدار رحمت علي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوء مقتول جي سوٽ عبدالستار جي فرياد تي مبينا ٽائون ٿاڻي ۾ ايس آء او، ايس ايڇ او سھراب ڳوٺ، آء او ۽ فريادي مٿان قتل جو ڪيس ايف آء آر نمبر، 559/2020، قلم 302_109_34 داخل ڪرائي ڇڏيو آھي، ايف آء آر ۾ فريادي مقتول جي سوٽ عبدالستار ڄاڻايو آھي ته منھنجي سوٽ کي رمانڊ تي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت سڳوري منھنجي سوٽ کي چالان ڪري جيل ڪسٽڊي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو پر آء او چالان جمع ڪرائڻ بجاء منھنجي سوٽ کي قتل جي ارادي سان سھراب ڳوٺ ٿاڻي جي لاڪپ ۾ بند ڪيو جتي ان تي تشدد ڪري کيس قتل ڪيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.