سنڌ يونيورسٽي لاڙڪاڻي ۾ لائبريري جو افتتاح

لاڙڪاڻو(ڊ ر) سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻي ۾ شمس رومي شاهه لرننگ ڪلب ۽ پارڪ لائبريري جو افتتاح ڪيو ويو جنهن ۾ ناليواري دانشور هاشم ابڙو، پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه، چاهت بتول شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ليڪچر ڏنو. تقريب ۾ بي بي شعبي جي سربراهه جي ايم شيخ، سيڪريٽري شمس رومي شاهه ڪلب سليم، صدر ايس يو سي ايل ڪميونٽي سروس سوسائٽي ارسلان منگي سوڌو ٻيا شريڪ هئا. ان موقعي تي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه چيو ته سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو سمورن فيڪلٽي، اسٽاف ۽ شاگردن جي سماجي، ثقافتي ۽ شخصيت جي واڌاري لاءِ مختلف سکيا وارا وسيلا ۽ انٽرايڪٽو پليٽ فارم متعارف ڪرائڻ سان گڏوگڏ معياري علمي ثقافت کي فروغ ڏئي رهي آهي. هن چيو ته شاگرد ڪئمپس پارڪ ۾ موبائيل اوپن لائبريري قائم ڪرڻ ۾ پڻ مصروف آهن ۽ ان سلسلي ۾ بي بي اي فائنل سال سجاد چانڊيو ڪئمپس ڪميونٽي سروس سوسائٽي جي صدر ارسلان منگي جي سهڪار سان پارڪ جي لائبريري لاءِ انگريزي، اردو ۽ سنڌي جا ڪيترائي ڪتاب عطيا ڪيا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.