اوڏيري لال ۽ ڀرپاسي مهانگائي چوٽ چڙهيل، اگهه ٻيڻا

اڏيرولال(رپورٽ: سڪندر ساهووال) اوڏيرولال اسٽيشن ۽ اوڏيرولال وليج ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ سبزي عام ماڻهو جي وس کان پري ٿي وئي، مزدور طبقي جي بکايل ٻارڙن لاءِ ٻه ويلا ماني به مسئلو بڻيل، ضلعي مٽياري انتظاميا جي بيڌياني سبب واپارين سبزي سان گڏ اٽي، چانور،گيھه ۽ فروٽ جا به اگهھ وڌائي ڇڏيا، ھٿراڌو وڌايل اگهن تي ضلعي مٽياري انتظاميا به اکيون بند ڪري ڇڏيون. ان ڏس ۾ اوڏيرولال اسٽيشن، اوڏيرولال وليج، بائو خان پٺاڻ، ڏهه دري موري، چريا چوڪ، فاضلاڻي موري سميت آسپاس وارن علائقن ۾ سبزيون غريب ماڻهن جي پهچ کان پري ٿي ويون. مڇي 600 رپيا ڪلو، وڏو گوشت 800، ننڍو گوشت 1050، مرغي 380، ٽماٽا 280، پٽاٽا 60 کان 80، نوان پٽاٽا 120، بصر 80کان 90، ڀينڊيون 160، پالڪ 120 رپيا، ڪڻڪ جو اٽو 65، چانور 150، تيل ۽ گيھه 220 کان 250، کنڊ 105 کان 110، کير 100، ٿوم 200، ادرڪ 400، ليما 400، گوگڙو 50 ۽ فروٽ ۾ صوف 180، ڏاڙهون 250، انگور 350، نارنگي 80 ۽ ڪيلا 50کان 70 روپين سميت ٻين شين جا اگهھ آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن، جنهن سبب شهرواسي کاڌي پيتي جي دڪاندارن پاران ٻڌايل اگهھ ٻڌڻ کان پوءِ پنهنجا ٻئي هٿ مٿي تي رکي واپس گهر طرف وڃڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. ان حوالي سان  شھرين جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت سميت ضلعي مٽياري انتظاميا جي بيڌياني سبب مختلف کاتي پيتي جي شين ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته دڪاندارن شين جا من پسند اگهه مقرر ڪري، هر سبزي تي 20 کان 30 روپيا مٿي وڪرو ڪري اسان کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن،  پر اسان جي حال تي ڪنهن کي به رحم نه پيو اچي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ مٽياري ضلعي انتظاميا کي گهرجي ته ان معاملي جو نوٽيس وٺي کاڌي پيتي جي دڪاندارن کان سخت پڇاڻو ڪري وڌندڙ اگهن تي ڪنٽرول ڪري شهرين کي رليف فراهم ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ مجبور ٿي شهر جو عوام روڊن تي نڪري احتجاج ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.