ملاڪاتيار ۽ ڀرپاسي مين پڙي جو وڪرو وڌي ويو، انتظاميا خاموش

ملاڪاتيار (ن ع آ) ملاڪاتيار ڀرپاسي سخت پابندي باوجود  مين پڙي ، گهٽڪي، سفينا، شراب جو وڪرو عروج تي پهتل آهي جنهن ڪري نوجوان نسل تباهي جي ڪنڌي تي پهچي ويو آهي ، ان ڏس ۾ ملاڪاتيار، سليمان سومرو، کوکر، جهنگ ڪاتيار، ۾ گهٽڪو، مين پڙي، سفينا، شراب جو وڪرو سرعام هلندڙ آهي .جڏهن ملاڪاتيار جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ منشيات جو وڪرو سري عام هلندڙ آهي پوليس ۽ لاڳاپيل  ادارن جي سرپرستي هيٺ هلندڙ آهي، هتان جي ساڃاه وندن ۽ سول سوسائٽي توڙي مذهبي اڳواڻن هن ڪڌي ڪاروبار تي سخت تشويش ۽ ردعمل جو اظهار ڪندي سپريم آف پاڪستان ۽ آئي جي سنڌ سميت اعلي اختيارين کان پرزور اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي لاڳاپيل ادارن ۽ پوليس جي سرپرستي ۾ هلندڙ مين پڙي شراب کي بند ڪرايو وڃي ۽ ملوثن خلاف سخت قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.