شيعه علماءِ ڪائونسل شهيد بينظير آباد ڊويزن جي صدر جي ڀاءُ جي وفات تي تعزيت جو سلسلو هلندڙ

نوابشاهه(ڊ ر) شيعه علماءِ ڪائونسل شهيد بينظير آباد ڊويزن جي صدر زوار محمد حسين چانڊيو جي ڀاءُ قاسم چانڊيو جي وفات تي تعزيت جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته تعزيت ڪندڙن ۾ علاما محمد باقر نجفي، علامه سيد اسد اقبال زيدي، علامه محمد علي جروار، مختيار امامي، قربان جعفري، محسن شاهه، نظير ڪورائي، مير محمد چانڊيو، محبوب چانڊيو، اصغر چانڊيو، منظور چانڊيو شامل آهن.

حيدرآباد ۾ماٽا جو گستاخ خاڪن خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) مهراڻ ٽيچرس ايسوسيئيشن پاران فرانس ۾ گستاخانا خاڪا شايع ٿيڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سيد رياض شاهه ۽ ٻين چيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ذات مبارڪ تمام مسلمانن کي پنهنجي جان، مال ۽ آل اولاد کان وڌيڪ پياري آهي.اسلام ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ذات مبارڪ خلاف هر دور ۾ ڪافرن سازشون سٽيون آهن. هنن چيو ته فرانس جي حڪومت پاران گستاخانا خاڪا شايع ڪرڻ پراڻي سازشن جو هڪ منصوبو آهي ۽ هن دفعي به فرانس سميت سازشي ڌرين کي ذلت سان منهن ڏيڻو پوندو.17

ڌاٻيجي ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي ويندي: ايم پي اي اويس گهرام

ڌاٻيجي(ن ع آ ) يوسي ڌاٻيجي ۽ يوسي ڀنڀور ۾ پاڻي جي کوٽ جلد پوري ڪئي ويندي پ پ ايم پي اي ڄام اويس گهرام جوکيو خبر موجب ساڪرو مان چونڊيل پ پ ايم پي اي ڄام اويس گهرام جوکيو ڌاٻيجي جي مختلف علائقن جا دورا ڪيا انهي موقعي تي علائقي واسين حافظ غلام حسين پنهور ،مصطفي ساريو ،واسين پئيڻ جو پاڻي نه ملڻ خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏي مقامي ايم پي اي ڊي سي ٺٽو ۽ پبلڪ هيلٿ جي اڳواڻن کي فوري طور تي رابطو ڪري پاڻي جي کوٽ کي جلد پورو ڪرڻ جون هدايتون ڪيون انهي موقعي تي ملڪ عمران رحيم خان شورو،فقير نبي بخش بلوچ ،سڪندر پنهور .شاهدمري ۽ ٻيا موجود هئا

کرڙاهه ويجهو سومرا اتحاد جو اجلاس، حقن لاءِ جدوجهد جاري رکڻ جو وچن

کرڙاهه (ن ع آ) کرڙاھه لڳ ڳوٺ ننڱر خان سومرو ۾ سومرا اتحاد پاڪستان جي گڏجاڻي ٿي گذري، ان موقعي تي سومرا اتحاد پاڪستان جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري محمد مٺل، سنڌ جي صدر نظير احمد سومرو، سنڌ جي جنرل سيڪريٽري عبدالستار سومرو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري در محمد سومرو رابطه سيڪريٽري عبدالحليم سومرو ميمبر سنڌ ڪائونسل برڪت علي سومرو جي نگرانيءَ ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ ميرواھ تعلقي جي باڊي چونڊڻ لاء مختيار علي سومرو منٺار علي سومرو ۽ عبدالغفور سومرو کي ڪنوينر منتخب ڪيو اجلاس کي محمد مٺل سومرو مرڪزي سيڪريٽري جنرل خطاب ڪندي چيو جهڙي طرح شهيد دودو سومرو سنڌ جي عزت ۽ حرمت لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي ساڳي طرح هن وقت به سومرا قوم سورهيه سردار سجاد سومرو جي قيادت ۾ سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪرڻ لاءِ پنهنجي جانين جو نظرانو ڏيڻ لاءِ تيار آھي اجلاس ۾ استاد علي گلاب سومرو پروفيسر غلام سرور سومرو سينيئر صحافي محمد اسلم سومرو استاد محمد علي سومرو امجد علي سومرو محمد عمر سومرو حاجي فيض محمد سومرو ۽ سومرا برادري جي وڏي تعداد ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي.

سيٺارجا ۾ جشن عيد ميلادالنبي صه جي سلسلي ۾ شاندار محفل

سيٺارجا (ن ع آ)بزم غوثيه سيٺارجا جي اڳواڻ عاشق حسين جي رهائشگاهه تي سرڪار دوعالم، خاتم الانبيا حضرت محمد مصطفى ﷺ جن جي ولادت مبارڪ جي سلسلي ۾ جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي شاندار محفل ٿي گذري جنهن ۾ سوين عاشقان رسول شرڪت ڪئي ان موقعي تي مفتي وقاص احمد سعيدي، حافظ اعجاز احمد قادري خطاب ڪندي چيو ته حضور پاڪ ﷺ دنيا لاءِ رحمت اللعالمين بڻجي آيا ۽ ان جي ڏسيل واٽ اسان جي لاءِ ڇوٽڪاري جو ذريعو آهي سندن سان محبت ۽ عقيدت جو ثبوت ڏيڻ لاءِ اسان کي پنهنجي زندگي انهن جي ڏسيل واٽ تي گذارڻ گهرجي ان موقعي تي مشهور نعت خوانن عنايت الله قادري بلوچستان ، تاج محمد شيخ خيرپور، شير محمد شيخ ڊرب ميهر شاهه ۽ ٻين نعتن ذريعي حضور پاڪ جن جي خدمت ۾ عقيدت جا گل نڇاور ڪيا .

خيرپور ۾ جشن عيد ميلادالنبي جو ساليانو عظيم الشان پروگرام

خيرپور(ڊر)جشن عيد ميلادالنبي جو ساليانو عظيم الشان پروگرام ڪالھ گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول گاگڙي ضلع خيرپور ۾ اسڪول جي ھييڊ ماستر علي مدد ڪنڀر جي صدارت ۾ وڏي عقيد ۽ احترام سان ملھايو ويو،جڏھن ته ان بابرڪت تقريب جا خاص مھمان سنڌي ٻولي ،ادب جو ڄاڻو،نالي وارو استاد ۽ انٽليڪچوئل ايريا مئنيجر سنڌ بئنڪ محمد يوسف ڪڙيو ۽ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر فيميل تعلقه خيرپور مانواري ميڊم فردوس ڦلپوٽو صاحبه ھيا،جڏھن ته اعزازي مھمانن ۾ محترم نويد احمد تنيو ھيڊ ماستر گورنمينٽ پرائمري اسڪول اڳڙا، قيوم احمد کھڙو ، ھيڊ ماستر گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪول راضيديرو، مختيار احمد سولنگي ھيڊ ماستر شاھ لطيف ڪالوني (صدر پ ٽ الف ضلع خيرپور)، سليم الله سولنگي  ايس ايم سي چيئرمين، محترم محترم محمد سليم جانوري ۽ محترم سائين عبدالروف سولنگي صاحب جن ھئا.ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردن نعتن ۽ تقريرن وسيلي پنھنجي عقيدت ۽ احترام جو اظھار ڪيو، ايوارڊ ء ڪيش پرائزز حاصل ڪيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.