غوثپور ۾ظهير اوڳاهي جي قتل خلاف احتجاج

غوثپور( ن ع آ )  ڪجھه ڏينھن اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين ۾جهيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب ظهير احمد اوڳاهي جي قتل خلاف ڳڙھي لاڙو جي رهواسن جو جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي بابو نثار اوڳاهي ۽ ٻين چيو ته قتل ڪيس داخل ٿيڻ جي باوجود پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. جوابدار اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. قاتلن کي جلد گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن مخالف ڌر چيو ته اسان معصوم نينگر کي قتل ناهين ڪيو معصوم نينگر بيماري سبب پنهنجي موت وفات ڪري ويو اسان مٿان ڪوڙو قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.