مسوڀرڳڙي ۾رند برادري جو راهوڪي پوليس خلاف احتجاج

مسوڀرڳڙي ( رپورٽ : علي رضا چنڊ ) مسوڀرڳڙي لڳ ڳوٺ ناريجاڻي جي رند  برادري نوجوانن امجد رند، قيصر رند، علي رضا رند جي اڳوا ڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري راهوڪي پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي  انھي موقعي ته اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي  چيو ته ٽي ڏينھن اڳ اسان جي نوجوان امجد رند کان موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي.ويئي. جنھن جي رپورٽ راهوڪي ٿاڻي تي داخل ڪئي ويئي ۽ پوليس پاران ڄاڻايل جوابدار کي گرفتار پڻ ڪيو ويو. هنن الزام مڙھيندي چيو ته راهوڪي پوليس رشوت عيوض گرفتار جوابدار کي آزاد ڪري ڇڏيو آھي ۽ هاڻي پوليس پاران  اسان کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي. جڏھن ته آزاد ٿيل جوابدار پڻ اسان کي.ڌمڪيون ڏيئي رھيو آھي. هنن پوليس جي اعلىٰ آفيسرن کان گھر ڪئي ته آزاد ڪيل جوابدار کي گرفتار ڪري راھوڪي پوليس جي عملدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.