حب ۾ هر هنڌ گندگي جا ڍير، ميونسپل انتظاميا لاپرواهه بڻيل

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) حب ميونسپل ڪارپوريشن جي  صفائي سٿرائي جي حوالي ” ڪارڪردگي“ سان رڳو فوٽو سيشن تائين محدود آهي، صفائي جو ڪٿي به نالو نشان ناهي، صفائي ملازمن جي نالي تي هرمهيني لکين رپين جي ادائيگي ٿي رهي آهي، شهر ۾ هر هنڌ ڪچري جا ڍير لڳل آهن، مڇرمار اسپري نه ٿيڻ ڪري شهر ۾ ڊينگي جي مرض ڪر کنيو آهي، شهرين جو چوڻ آهي ته شهر کنڊرات ۾ تبديل ٿي ويو آهي، هنن بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان، بلديات جي صوبائي وزير سردار صالح محمد ڀوتاڻي کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.