بدين ۾ سرد هوائون هلڻ شروع، لنڊا بازار ۾ رش

بدين (ڊ ر)بدين  ۾ سرد ھوائن جي ھلڻ بعد گرم ڪپڙن جي خريداري شروع ٿي وئي، لنڊا مارڪيٽ ۾ مرد۽ عورتن جي رش لڊا مارجيٽ جو گرم ڪپڙو به غريب طبقي جي ماڻھن جي خريداري کان پري ڪراچي کان مختلف گاڏين ذريعي گرم ڪپڙا بدين تائين پھچائڻ وارو سلسلو جاري آھي سڀ کان وڌيڪ خريداري مختلف جانورن جي لڳندڙ پڙين ۾ آھي، تي وڏي تعداد ۾ گرم ڪپڙو پڪ اپ سوزڪين ذريعي آندو ڪپايو پيو وڃ  مردن جو گرم ڪپڙو 200 سئو کان ويندي 300 سئو تائين ھوڪو ڏئي کپايو پيو وڃي، ساڳي طرحين وري پٺاڻن به مختلف شھر جي چوڪن تي لڊا مارڪيٽ قائم ڪري ڪپڙو کپائڻ وارو سلسلو جاري آھي، گرم ڪپڙي جي خريداري ۾ روز بروز اضافو ٿيندو پيو وڃي سردءُ ھوائن ھلڻ سبب ھڪ طرف گرم شين جي اگھن ۾ اضافو ٿيو آھي ته وري بليڪ مارڪيٽ تي بيدن مرغي جو ريٽ به ھٿ وٺي وڌايو پيو وڃي، بدين شھر ۾ مرغي جو في ڪلو 360 ۽ ساڳي طرحين وري ٽکڙ چوڪ وٽ بغير سليٽ لڳائڻ جي بليڪ مارڪيٽ اگهھ تي مرغي في ڪلو 380 رپيا ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي، ڪيترن ڪجهھ منافعي خور واپارين سليٽ لڳائڻ بدران بنا ريٽ لڳائڻ جي اگھه وڌيڪ وٺي معافي خوري طرف تيزي سان ڪم جاري رکيو آھي، في ڪلو مرغي جو اگهھ اڄ 360 آھي پر بنا سليٽ جي 380 کان ويندي 390  تائين مرغي وڪرو ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.